اردو سنڌي لغت

اردو- سنڌي لغت1 (ڪتاب): هيءَ لغت ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي گڏ مرتب ڪيل آهي. سنڌ ۾ اردو ۽ سنڌي آباديءَ ۾ مستقل ويجهڙائي ۽ هڪ ٻئي جي ٻولين ۽ ادب کي سمجهڻ واري مقصد کي آڏو رکي علامه آءِ. آءِ قاضي ”اردو - سنڌي“ ۽ ”سنڌي - اردو“ لغتن تيار ڪرائڻ جي رٿا جوڙائي، جنهن موجب اهي ٻئي لغتون تيار ڪرايون ويون. هن ڊيمي سائيز پڪي جلد واري ڪتاب ۾ 590 صفحا آهن ۽ قيمت 9 رپيا ڄاڻايل آهي. پهريون ڇاپو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران، سنڌ يونيورسٽي پريس، حيدرآباد مان 1960ع ۾ ڇپيو.


لفظ اردو سنڌي لغتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو